پروين شاڪر

پروين شاڪر

پروين شاڪر

پروين شاڪر: اردو زبان جي نامور شاعره پروين جي پيءُ جو نالو سيد شاڪر حسين آهي. هن 24 نومبر 1950ع تي لاهور ۾ جنم ورتو. رضويه گرلز ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. اي ڪيائين. 1972ع ۾ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ۽ پوءِ 1980ع ۾ انگريزي لسانيات ۾ ايم. اي ڪيائين. هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا مان ايم. پي. اي جو ڪورس مڪمل ڪيائين. ان کان سواءِ هن ٻيا به ڪيترا ڪورس پاس ڪيا. جن جو تفصيل هن ريت آهي: سي. ايس. ايس ڪرڻ کان پوءِ 1983ع ۾ سول سروس اڪيڊمي لاهور مان ڪورس ڪيائين، ساڳئي سال ۾ نئشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪسٽم ائنڊ ٽيڪسيشن ڪراچيءَ مان ڪورس ڪيائين. شروع ۾ عبدالله گرلز ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، ان کان پوءِ ترتيبوار اسلام آباد ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري سي. بي. آر، راولپنڊيءَ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ائڊمنسٽريشن ۽ اسلام آباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم مقرر ٿي. آگسٽ 1992ع ۾ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم جو ڪورس ڪيائين. سندس ڪتابن ۾: (1) ’خوشبوءِ‘ (شاعري: 1977ع)، (2) ’صدبرگ‘ (شاعري: 1980ع)، (3) ’خود ڪلامي‘ (شاعري: 1985ع) ۽ (4) ’انڪار‘ (شاعري: 1990ع) شـامـل آهـن. سـنـدس سمـوري شـاعـريءَ جـي گـڏيـل مـجـمـوعـي جــو نالو ’ماهِ تمام‘ آهي. ٽي ويءَ ۽ ريڊيو تي ڪالم نگار، اسڪرپٽ رائيٽر، ميزبان ۽ ڪمپيئر رهي. فارسي، عربي ۽ فرانسيسي ٻولين جي ماهر طور کيس ڪيترائي اعزاز، انعام ۽ اڪرام حاصل ٿيا. پنهنجي نئين اڍنگ، ادائگي جي انداز ۽ نئين سوچ سبب حاضر دؤر جي ممتاز شاعره هئي. سندس مطالعو تمام وسيع هو. اوڀر ۽ اولهه جي ادب ۽ سماجي تاريخ جو گهرو مطالعو ڪيو هئائين. پي. ايڇ . ڊيءَ لاءِ ”اوڀر پاڪستان جي الميي جو تجزياتي جائزو“ عنوان چونڊيو هئائين، پر زندگيءَ جي وفا نه ڪرڻ سبب اهو مقالو اڌ ۾ رهجي ويو. 26 ڊسمبر 1994ع تي هڪ روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.


لفظ پروين شاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.11.24  عيسوي

اردو زبان جي نامور شاعره پروين جي پيءُ جو نالو سيد شاڪر حسين آهي. هن 24 نومبر 1950ع تي لاهور ۾ جنم ورتو.


1994.02.26  عيسوي

پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1994ع تي هڪ روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالستارآڪاش ٽکڙائي
وسيم سومرو
سليم بچاڻي
رئيساڻي جي ايم
مولابخش ساغر
ابو البقا ملا ٺٽوي
آڪاش انصاري ڊاڪٽر
الهه بخش سرشار عقيلي
ادراڪي بيگلاري
سورج سجاولي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون